شاهه جو ٽنڊو

شاهه جو ٽنڊو: ڊاڪٽر عطا محمد حامي پنهنجي ڪتاب ’خيرپور جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو‘ ۾ شاهه جي ٽنڊي جو احوال هن ريت لکيو آهي ته: “ضلعي خيرپور جي تعلقي ڪوٽڏيجي ديهه سوهوءَ ۾ اڳوڻي خيرپور رياست جي حڪمران مير سهراب خان ٽالپر پنهنجي سپهه سالار گولي شاهه کي هڪ جاءِ ٺهرائي ڏني ۽ ٻيون جايون سندس لشڪر جي بهادر سپاهين لاءِ ٺهرايون هئائين ۽ ان هنڌ کي ’شاهه جو ٽنڊو‘ نالو ڏنائين. ان کان پوءِ اڄ ڏينهن تائين ان کي شاهه جو ٽنڊو سڏيندا آهن. اڄ به اتي ساڳئي نالي سان هڪ ڳوٺ موجود آهي، جنهن کي شاهه جو ٽنڊو سڏيندا آهن.”


لفظ شاهه جو ٽنڊوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو